جعفراڻي عبدالعزيز

جعفراڻي عبدالعزيز

عزيز جعفراڻي

عزيز جعفراڻي :اديب ،استاد۽ تعليمدان عبدالعزيز جعفراڻي 18 جنوري1944ع تي جاتيءَ ۾ جنمورتو .سندس پيءُ محمد جمنجعفراڻيپـيـشـي جي لحـاظ کان اسـتاد هـو،انلاءِ عزيز جعفراڻيبنيادي تعليمپنهنجي پيءُ جي رهنمائيءَ ۾ جاتي ،ميرپورساڪري ۽ سجاول جي پرائمري اسڪولن مان حاصل ڪئي .هـن مئٽرڪ چانڊيا هاءِ اسڪول سجاول مان ۽ انٽـر آرٽـس ڪـاليج مڪـليءَ مان ڪئي. 1960ع ۾ پرائمـري اسـتاد ۽ 1965ع ۾ سيڪنڊري استادطور سجاول ،ميرپور بٺوري ۽ ٺٽيهاءِ اسڪول ۾ ملازمت ڪئي . پرائيويٽ طور بي اي ،بي .ايڊ ۽ ايم .ايڊ به ڪئي . شروع کان وٺي تاريخ۽ تحقيقسان لڳاءُ هئڻ سبب وقت به وقت تاريخي ميڙاڪن ۾ شرڪت ڪندو رهيو. ٺٽي ۽ سجاول جيتاريختي سندس وڏو ڪم ڪيل آهي. ان ڏس ۾ ’تاريخ سجاول‘ (1986ع)، ’تاريخ جاتيجا نوان ورق‘ (2004ع)، ’سجاول جي سماجي ،ثقافتي ۽ سياسي تاريخ‘ (2009ع) (جيڪو پهرئين ڪتاب جو وڌايل ۽ سڌاريل ايڊيشن آهي) ۽’مقالاتِ عزيز‘ (2012ع) سندس اهم ڪتاب آهن. پاڻ جنهن به اسڪول ۾ رهيو،اتيادبي ماحول پيدا ڪيو. هن سجاول هاءِ اسڪول مان ’سجاول مئگزين‘،ڪميونٽي بيسڊ اسڪول جاتي مان ’العلم‘، پرفيڪٽ اسڪول سسٽم ٺٽيمان ’القانح ‘اسڪول مئگزين، مڪلي هاءِ اسڪول مان ’مڪلي‘ نيوز ليٽر ۽جاتي هاير سيڪنڊري اسڪول مان ’مگرڀين‘مئگزين ڪڍي علم دوستيءَ جو ثبوت ڏنو .کيس، انگريزي کان علاوه فارسي، عربي ۽ پشتو زبانن تي دسترس حاصل هئي. حضرت شاهه، عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ کي پشتو ۾ ترجمو ڪرڻ جي خواهش هئس مگر ڪجهه ذاتي سببن ڪري ان خواهش جي تڪميل نه ڪري سگهيو. ان کانسواءِ کيسڪمپيئرنگ تي پڻ ملڪو حاصل هو.سندس ٻيو نمبر ڀاءُشمس جعفراڻيسنڌ حڪومت۾ ثقافتکاتي جو سيڪريٽري رهي چڪو آهي. 1967ع ڌاري سجاول شهر ۾ ’محمد بن قاسم‘ نالي سان سندس قائم ڪيل لائبرري اڄ به مشهور آهي، جنهن ۾ 25 هزار کان وڌيڪ ڪتابي ذخيرو موجود آهي.9 اپريل 2009ع تي سجاول ۾ وفات ڪئي.


لفظ عزيز جعفراڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1944.01.18  عيسوي

بدالعزيز جعفراڻيءَ 18 جنوري 1944ع تي جاتيءَ ۾ جنم ورتو .


2009.03.09  عيسوي

عزيز جعفراڻيءَ 9 مارچ 2009ع تي وفات ڪئي . کيس سجاول جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

افلاطون
ڊاڪٽر ڊرئگو
پدن شرما
ڄام مدد علي (سياستدان)
سڪيلڌو محمد سومار ميمڻ
آفتاب احمد شيخ
خانبهار احمد خان ڀٽو
فدا سرهيو
الف شاهه شهيد ۽ مست علي شاهه
ڄام اوڍو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون